آڱر سان ميٽر تي ” زم زم “ لکو، بجلي جو بل گهٽجي ويندو..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا، ميزبان ۽ ليکڪا جويريا سعود رمضان ٽرانسميشن دوران بجليءَ جا بل گهٽائڻ لاءِ وظيفي جي حمايت ڪرڻ سبب بحث جو موضوع بڻجي وئي.
اهو وظيفو مولانا آزاد جميل طرفان بيان ڪيو ويو، جنهن موجب جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي آڱر سان ”زمزم“ لکي بجليءَ جي ميٽر تي لڳائي ته ان جو بل گهٽجي سگهي ٿو.
جويريا سعود ان تي تبصرو ڪندي چيو ته هوءَ هن وظيفي جي سچائي جي تصديق ته نٿي ڪري سگهي، پر جيڪڏهن ڪنهن سچي عقيدي سان اهڙو عمل ڪجي ته اِهو اثر ڏيکاري سگهي ٿو.
وظيفي جي حمايت تي سوشل ميڊيا وهپيدارن طرفان مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، واهپيدارن جويريا سعود تي وهم پرستي ۽ غير سائنسي سوچ کي هٿي وٺرائڻ جو الزام لڳايو.
واهپيدارن جو چوڻ هو ته اهڙن غير ثابت ٿيل روحاني طريقن بدران بجليءَ جا بل گهٽائڻ لاءِ عملي قدم ضروري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.