ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي، جڏهن ته سندس صحت بابت ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا پيا وڃن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تميم اقبال جي صحت ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي،پر هو اڃا به انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل آهي.
مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تميم اقبال گذريل رات پنهنجي گهر ڀاتين جي مدد سان ڪجهه چر پر به ڪئي، جڏهن ته حڪومتي سطح تي به سندس علاج لاءِ خاص اتنظام ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته بنگلاديشي ڪرڪيٽر کي گذريل ڏينهن ڍاڪا پريميئر ليگ جي ميچ دوران دل جو دورو پيو هو، جنهن کان پوءِ کيس ترت ويجهي اسپتال ۾ داخل ڪري انجيوپلاسٽي ڪئي وئي.