قومي ٽيم خلاف نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل پاڪستاني ڪرڪيٽر جو پٽ ڪير آهي؟

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچن لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پاڪستاني ڄائو آل رائونڊر محمد ارسلان عباس کي به شامل ڪيو ويو آهي.
محمد ارسلان عباس پاڪستان ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندڙ اڳوڻي رانديگر اظهر عباس جو پٽ آهي. اظهر عباس نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خوشي جو اظهار ڪنديچيو ته محمد ارسلان هڪ ويڙهاڪ رانديگر آهي، هو هر مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اظهر عباس هن وقت نيوزي لينڊ جي ڊوميسٽڪ ٽيم ويلنگٽن فائر برڊز جو اسسٽنٽ ڪوچ آهي.
هن جو چوڻ ته سندس پٽ گذريل ٻن سالن کان نيوزي لينڊ جي علائقائي ڪرڪيٽ ۾ تسلسل سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي.
واضح رهي ته اظهر عباس جو اصل پاڪستان جي ضلعي خانيوال جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ روشن پور جو تعلق رکي ٿو.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ هو نيوزي لينڊ منتقل ٿي ويو، جتي به هن ڪرڪيٽ جاري رکي.
هن وڌيڪ چيو ته محمد ارسلان عباس جي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي هئي ۽ هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته پٽ کي پروفيشنل رانديگر بڻائيندو.
اظهر عباس جو چوڻ هو ته ” اسين دل سان پاڪستاني آهيون، پر نيوزي لينڊ ۾ رهندي، هتان جي قومي ٽيم طرفان کيڏڻ جو موقعو مليو، جيڪو اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي .“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.