ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ جي سلور ميڊلسٽ پاڪستان هاڪي ٽيم کي هلندڙ سال شيڊيول ايونٽ ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي.
هلندڙ سال شيڊيول سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم شامل نه هوندي.
ذريعن موجب، پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي اڃا تائين ٽورنامينٽ انتظاميا طرفان دعوت نامو نه مليو آهي.
پاڪستان کانسواءِ گذريل سال جي فاتح جپان هاڪي ٽيم به ايونٽ ۾ حصو نه آهي،
هلندڙ سال ٽورنامينٽ 22 کان 29 نومبر تائين ايپوه ۾ کيڏي ويندي، ايونٽ ۾ بيلجيئم، ڪئناڊا، جرمني، ڀارت، آئرلينڊ ۽ ملائيشيا جون ٽيمون شامل آهن.
ياد رهي ته گذريل سال اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ جپان پئنالٽي شوٽ آئوٽ مقابلو هڪ چار تان کٽي پهريون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.