ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت گهٽجڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب شهر ۾ اڄ کان گرمي جي شدت گهٽجي سگهي ٿي ۽ وقفي وقفي سان تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي راتيون ٿڌيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته گرمي پد 18 کان 17 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
You might also like