ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين مارچ،ڌرڻو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پبلڪ پارڪ مڪلي کان جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شورو، امجد ناھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سينيئر صحافي اقبال خواجا، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، جميعت علماءِ اسلام جي مولانا سليم عاطف، جيئي سنڌ تحريڪ جي راول ڪرناڻي، سماجي اڳواڻن سرور پليجو، شعير قريشي، اعجاز شاھ ڀاڏائي سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي 5 ڪلوميٽر قومي شاھراھ جو پنڌ ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته وفاق زبردستي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي رھيو آھي، پنجاب  سنڌو مٿان ڊيم ۽ ڪئنال اڏي سنڌ کي لاڙ پٽي وارن ضلعن کي بنجر بنائي ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.