اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) ماهه رنگ بلوچ جيڪو ڪجهه ڪندي رهي رياست طرفان سندس خلاف ايڪشن نه ورتو ويو هو، مٿس الزام آهي ته ڪوئيٽا ۾ هو لاش کڻائي وئي هئي ۽ ڌرڻو هڻي رهي هئي ته سندس گرفتاري ٿي آهي. رياست چئي رهي آهي ته هاڻي اسان سافٽ نه پر هارڊ رهنداسين. ماهه رنگ بلوچ جڏهن اسلام آباد آئي هئي تڏهن به ساڻس نرمي سان پيش اچڻ گهرجي ها، پر ان وقت نگران حڪومت ته ماهه رنگ سان همدردي رکندڙن کي ڳولي رهي هئي ۽ سخت موقف هو. بلوچستان جي سياسي محرومي جي خاتمي لاءِ ته بلوچستان سان واسطو رکندڙن کي سينيٽ چيئرمين، نگران وزيراعظم ۽ ٻيا عهدا ڏنا ويا هئا. انوار الحق ڪاڪڙ کي احتجاج ڪندڙن کي عزت ڏيڻ گهرجي ها، کين گهرائڻ گهرجي ها يا ته وري ڌرڻي واري هنڌ وڃي ملڻ گهرجي ها. ماهه رنگ بلوچ جنهن ڪم لاءِ آئي هئي ته رياست مٿن طاقت جو استعمال ڪندي، گرفتاريون ٿينديون، کين روڊن تي گهليو ويندو ۽ انهن جون وڊيو ڪلپس سڄي دنيا ۾ ڏٺيون وينديون. ڌرڻو هڻندڙن تي سياري ۾ پاڻي هاريو ويو هو، کين گهليو ويو هو، تشدد ڪيو ويو هو، ٿاڻن ۾ به وڌو ويو هو، ان سان ماهه رنگ هاءِ پروفائل بڻجي وئي ۽ بلوچستان جي مزاحمت جي علامت بڻجي وئي. ان کانپوءِ بلوچ نوجوانن کي ريڪروٽ ڪرڻ سولو ٿي ويو. هن گوادر ۾ ۽ ٻين هنڌن تي هڙتالون ڪرايون، سڀ ساڻس گڏ ٿي ويا. عورت جڏهن آواز اٿاريندي آهي ته ان جي ڌار اهميت هوندي آهي ته هڪ عورت هجڻ باوجود هو بيهي رهي آهي، اهڙي ريت اوهان هن کي هيرو بڻائي ڇڏيو. هارڊ ۽ سافٽ پنهنجي جاءِ تي پر ماهه رنگ کي اوهان ان حيثيت ۾ کڻي پيا وڃو جنهن ۾ ڪڏهن بينظير ڀٽو هوندي هئي مريم نواز هوندي هئي يا حسينا واجد هوندي هئي، اهڙن ڪيسن ۾ ماهه رنگ بلوچ اتان جي وڏي ليڊر بڻجي اڀرندي ۽ ليڊر بڻجي چڪي آهي، ٻيا سڀ ليڊر پوئتي رهجي چڪا آهن. اندرا گانڌي، حسينا واجد، خالدا ضيا، بينظير ڀٽو، مريم نواز سميت ٻيون عورتون جيلن ۾ رهيون، ڀلي کڻي سندن سياسي پس منظر هو پر ساک ائين ئي ٺهندي آهي. اوهان ماهه رنگ بلوچ سان سختي ڪندا ته اها هيرو بڻجي ويندي، بگٽي صاحب کي وقت گذري ويو هو ۽ هاڻي اسان کين ماهه رنگ بلوچ ڏئي ڇڏي آهي. رياست جيڪڏهن سختي ڪرڻ چاهي ٿي ته ڏسون ٿا ايندڙ وقت ۾ ان جي خبر پوندي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 24 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو