اسلام آباد (منصور علي خان) بلوچستان ۾ ڪجهه وقت ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، ماڻهو سوال ڪن ٿا ته نيٺ بلوچستان مسئلي جو حل ڇا آهي؟ ڪي چون ٿا ته مسنگ پرسن جو معاملو حل ڪرڻ گهرجي، مقامي آبادي جي ڏکين حالتن کي حل ڪرڻ گهرجي تڏهن وڃي مسئلا حل ٿيندا. ٻيا چون ٿا ته ان مسئلي کي طاقت جي ذريعي ختم ڪجي، ان ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، اها ڪا حقيقي تحريڪ ناهي، هي آزاد بلوچستان جي ڳالهه ڪن ٿا، اها ته ڪنهن صورت نه مڃي ويندي، برداشت نه ڪئي ويندي. پر ان صورتحال کي سائنسي طور ڏسي سگهجي ٿو، عامر رانا ان حوالي سان رهنمائي ڪئي آهي، هو چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ طرفان بلوچستان بابت اهو بيانيو سامهون آيو آهي ته رياست کي هارڊ اسٽيٽ بڻجڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي سياسي ڌرين جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪري سگهجي ٿو پر اسٽيبلشمينٽ ان ۾ سنجيده نظر نٿي اچي. بي ايل اي ۽ ماهه رنگ بلوچ آزاد بلوچستان ۽ مسنگ پرسن سميت حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ چوي ٿي ته سندن انساني حقن سان ڪو واسطو ناهي، هنن کي ٻاهران فنڊنگ ملي ٿي ۽ هي رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا. بغاوت کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاٿس ٽو وڪٽري نالي ڪتاب جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ڪتاب ۾ لکيل آهي ته 24 مان 17 تحريڪن کي طاقت ذريعي ختم ڪيو ويو هو پر اڪثر طور تي طاقت جي استعمال سان اڪثر تحريڪ ختم ناهن ٿينديون، وقتي طور تي اهي دٻجي وينديون آهن پر وقت کانپوءِ اهي ٻيهر ڪر کڻنديون آهن، اهو 71 بغاوت جي تحريڪن بابت تحقيق کانپوءِ سامهون آيو. تحريڪن کي رڳو ڪنهن هڪ طريقيڪار تحت ختم نٿو ڪري سگهجي، اوهان کي ٻيا ذريعا به استعمال ڪرڻا پوندا. عامر رانا ۽ ڪتاب موجب 3 شيون ڪري سگهجن ٿيون، پهريون اهو ته جيڪي تحريڪن ۾ ماڻهو اچي رهيا آهن انهن کي روڪڻو پوندو. ٻيو اهو ته سپلاءِ ڪٽڻي پوندي جنهن ۾ هٿيارن جي سپلاءِ ٿي سگهي ٿي. اسان اهو چئي ته ڇڏيندا آهيون ته کين ڀارت وٽان يا افغانستان مان سپورٽ ملي رهي آهي پر ان کي ڪٽڻ لاءِ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ٽئين ڳالهه سنجيدگي هجڻ گهرجي، اوهان مونجهاري جو شڪار نه هجو، بي دلي سان اهو ڪم نه ڪندا هجو، اوهان جو ذهن واضح هجڻ گهرجي ته اوهان کي اها بغاوت ڪيئن ختم ڪرڻي آهي. اوهان ۾ لچڪ هجڻ گهرجي، حالتن کي ڏسندي لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. رڳو اهو نه هجڻ گهرجي ته سخت رهڻو آهي ته بس سخت ئي رهڻو آهي، ڳالهيون به ضروري آهن. بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه شيون ڪرڻ نقصانڪار هونديون، مثال طور ڪجهه ماڻهن ڪا حرڪت ڪئي آهي ته سڀني کي ان جي سزا نه ڏيو. بي ايل اي يا بي وي واءِ سي تنظيمن جي عملن جي سزا سموري بلوچ قوم کي نه ڏيو. ڪرپشن نه هجڻ گهرجي ۽ اوهان جي گورننس بهتر هجڻ گهرجي. عام طور تي اهو به ڏٺو ويو ته تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو آپريشن ڪيو وڃي ٿو اهو هٿرادو طور تي ڊگهو ڪيو ويندو آهي جيئن ان مان پيسا ٺاهي سگهجن، عوام جي حمايت حاصل ڪجي يا ٻيا ڪي فائدا وٺي سگهجن جڏهن ته اهو ٿوري مدي ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. اوهان کي جيتري ضرورت هجي اوتري فورس استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ائين ناهي ته اوهان کي فنڊنگ ٿي رهي هجي ته آپريشن کي وڌائيندا رهو. وفاق، صوبن کان ويندي ضلعي حڪومتن جو ڪم به هڪ جهڙو هجڻ گهرجي ائين نه ته هڪڙا هڪ ڪم ڪن ته ٻيا ٻئي ڪم ۾ رڌل رهن. سڪيورٽي ادارن جا رابطا به پاڻ ۾ هڪ جهڙا هجڻ گهرجن. جيڪي ماڻهو هٿيار کڻي رهيا آهن اوهان کي ان ڳالهه کي روڪڻو پوندو. عام طور تي تحريڪون 128 مهينا هلن ٿيون جيڪي ساڍا 10 سال ٿين ٿيون. 1971 ۾ بنگلاديش بابت جيڪو ڪجهه ٿيو، اتي به اها غلطي هئي ته جنهن جو سياسي مينديٽ هو انهن کي نه ڏنو ويو هو ۽ طاقت جو استعمال وڌيڪ ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري حالتون خراب ٿيون. 1972 کان 78 تائين به هڪ تحريڪ هلي هئي جيڪا بلوچ لبريشن فرنٽ طرفان تحريڪ هلائي وئي هئي، ان وقت به رياست طاقت جو استعمال ڪيو هو ۽ ان کي ختم ڪري ڇڏيو هو ڪنٽرول ڪيو هو پر ٿيڻ ائين گهربو هو ته اتي جمهوري حڪومتن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي ها، ماڻهن جي چونڊيل ماڻهن کي آڻڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ حالتون خراب ٿي ويون. 1972 ۽ 78 کانپوءِ اوهان پاڻ افغانستان جنگ ۾ هليا ويا، ان جي ڪري به اوهان کي نقصان ٿيو. رپورٽ موجب اهو ضروري آهي ته اتي جمهوريت آندي وڃي، ماڻهو پنهنجي حڪمرانن کي پاڻ چونڊين، سندن ووٽ جي اهميت هجڻ گهرجي، ڌانڌلي نه هجڻ گهرجي، ماڻهن کي اسيمبلي ۾ اچڻ ڏنو وڃي، کين سسٽم جو حصو بڻجڻ ڏنو وڃي. ڪٺ پتلين کي نه آڻڻ گهرجي جن جو مقامي ماڻهن سان واسطو ئي نه هجي، ان جو نقصان ٿيندو آهي. 1972 کان 78 واري جيڪا تحريڪ ان ۾ ايران اوهان سان گڏ بيٺو هو، هاڻي ايران ۾ پاڪستان لاءِ اها سپورٽ ناهي، بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جهڙين تنظيمن کي ايران مان سپورٽ ملي ٿي. افغانستان مان به کين سپورٽ ملي ٿي.