درياءُ نه رهيو ته سنڌ نه رهندي، تهذيب جي بقا لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو: ساڃاهه وند

ڪراچي( رپورٽر/ پ ر) سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ايڊووڪيسي ءِ رائٽس ڪاميٽي پاران  هڪ آن لائين ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ ماحوليات ۽ سنڌ جي مسئلن جي ماهر  نصير ميمڻ،  پاڻي جي ماهر اسڪالر حسن عباس، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجو پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي جي صدين کان وٺي  ڦرلٽ جي تاريخ کان موجوده تڪراري ڇهن ڪينالن جي مسئلي تي  خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي خواجا سانا ميڊيا ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي چيو ته تاريخي طرح سنڌ تي گھڻا حملا ٿيا آھن، ويجھڙائي ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن، سنڌ جو ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي، بدين، ٺٽي ۽ ڪراچي جون زمينون سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي، اھو اسان جي بقا جو مسئلو آھي ڇاڪاڻ ته دريا نه رھندو ته سنڌ نه رھندي ھاڻي اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا. سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ  چيو ته سانا سنڌو جي بقا جي جنگ وڙھي رھي آھي، اھا دريا جي جنگ ناھي ان سان اسان جي تھذيب، اسان جو ڪلچر ۽ اسان جو روايتون لاڳاپيل آھن، سانا پنھنجي ھن سال جي سالياني ڪنوينشن جوٿيم به سنڌو تي ڪئنال نامنظور رکيو آھي. ماحوليات ۽ سنڌ جي مسئلن جي ماهر  نصير ميمڻ چيو ته  انگريزن پنھنجي وفادارن جي زمينن کي آباد ڪرائڻ لاءِ ھي بيراج ۽ ڪئنال ٺھرايا ھئا، انھن ڪئنالن جي ڪري ٻي زمينن ۾ لوڻياٺ جو واڌارو ٿيو ۽ اھي تباھ ٿي ويون. ھن وقت سنڌ جا پاڻي جا ذخيرا بلڪل خالي آھن، گليشيئر تباھ ٿي رھيا آھن، مستقبل ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي، ھي ڪئنال ۽ ڊيم سڀ خطرناڪ زونن ۾ اچي چڪا آھن، ھن چيو ته سانا آمريڪا ۽ برطانيا ۾ پاڻي جي وسيلن تي مھارت رکندڙ ادارن سان لھه وچڙ ۾ اچي انڊس رور سسٽم تي ھڪ آڊٽ ۽ اسٽيڊي ڪرائين ته سئو ڏيڍ سئو سالن ۾  انڊس رور سسٽم کي ڪھڙي طرح تباھ ڪيو ويو آھي، ھي جيڪي ڪارپوريٽ فارمنگ جو چون ٿا ته اسان اناج ۽ زرعي پروڊيوس ايڪسپورٽ ڪندا سين، دراصل اھي پاڻي ٿا ايڪسپورٽ ڪن .لاھور مان پاڻي جي ماھر حسن عباس مختلف تحقيقن ۽ انگن اکرن سان ٻڌايو ته جيڪڏھن ريگستاني علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻي آھي ته سڄو سال چوويهھ ڪلاڪ اسان کي پاڻي مھيا ڪرڻو پوندو ڇا اھو ممڪن آھي، ڇا وارابندي ۽ ڪئنال اھو ڪري سگھندا، اسان جي دريا جي پاڻي ۾ سنکيو (آرسينڪ) ۽ ٻيا زھريلا مادا موجود آھن، دنيا ماحولياتي گدلاڻ طرف تمام حساس ٿي رھي آھي جيڪڏھن توھان پرڏيهي سيڙپڪارن کي وٺي ايندئو ته  ھو ان فرسوده ماحول ۾ قطعي طرح اچڻ لاءِ تيار نه ٿيندا، ھن چيو ته  پاڪستان ۾ ڪئنال سسٽم سڌي زمين تي آھي جڏھن ته چولستان ۾ ڪئنال ونڊ ڊپازٽ ۾ غير ھموار ننڍن وڏن دڙن تي مشتمل آھي، ھندوستان پاڪستان کان ورتل ٽن دريائن بياس، راوي ۽ ستلج تي اربين ڊالر خرچ ڪري راجستان جي ريگستاني علائقن ۾ اھو تجربو ڪري چڪو آھي ۽ ناڪام ٿيو آھي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته 2023 ۾ واپڊا پنھنجي رپورٽ ۾ ڪئنالن جي ٺھڻ سان بين الصوبائي ھم آھنگي ختم ٿيڻ جو ٻڌايو ھو ان ڪري ھنن ارسا ايڪٽ  ۾ ترميم ڪري ڇڏي. جيڪڏھن اوھان کي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻي آھي ته اوھان کي جديد 21 صدي جا طريقا اپنائڻا پوندا. مان تجويز ٿو ڪريان ته سنڌ ۾ ھڪ ھزار ايڪڙن تي اھڙو پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اھو ماحول دوست ھوندو ان لاءِ عالمي ادارا مالي مدد ڪري سگھن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو ته سانا جو ڪردار واکاڻ جھڙو آھي جنھن عالمي ليول تي ان چڻنگ کي روشني بڻائي دنيا ۾ وائکو ڪيو آھي، حڪمرانن سنڌ جي عوام جو غلط اندازو لڳايو آھي، ھن ڪاروباري لڏي اھو سمجھيو ته بينظير ڪارڊ ۽ برياني پليٽ  تي سنڌ جي عوام کي ريجھائي ويندو پر اڄ سنڌ جي ھر ڳوٺ واھڻ ٿر بر ۾ نياڻيون، نوجوان، فنڪار، ٻارسنڌو جي بچاءَ لاءِ نڪري پيا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.