ملير (ڊ ر) ملير هالٽ لڳ پل ويجهو تيز رفتار واٽر ٽينڪر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار زال مڙس ۽ تازو ڄاول ٻارڙو سميت 3 ڄڻا فوت، واقعي جو اطلاع ملڻ تي سعودآباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، فوت ٿي ويل زال مڙس ۽ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 28 ورهين جي زينب ۽ 34 ورهين جي عبدالقيوم جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته حادثي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو پڻ فوت ٿي ويو آهي، پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته حادثي جو سبب بڻجندڙ ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.