ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا رشميڪا مندانا چيو آهي ته مون کي سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
رشميڪا مندانا فلم ”سڪندر“ ۾ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جيڪا عيدالفطر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.
آچر ڏينهن رشميڪا، سلمان خان ۽ ٻين فلم جي ٽريلر لانچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اداڪارا فلم بابت پنهنجو تجربو شيئر ڪيو.
هن چيو ته اڄ اسان هتي سڪندر لاءِ گڏيا آهيون، مون کي اميد آهي ته توهان کي اسان جو ڪم پسند ايندو، مون کي سر سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
You might also like