لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪسٽم اختيارين لاهور ايئرپورٽ تي بينڪاڪ کان ايندڙ مسافر وٽان ڪروڙين رپيا ماليت جون آءِ فونز برآمد ڪري کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
ڪسٽمز اختيارين لاهور ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي قيمتي موبائل فونز سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اختيارين بينڪاڪ کان ايندڙ مسافر وٽان ڪروڙين رپيا ماليت جون قيمتي فونز برآمد ڪيون ۽ لاهور واسي مسافر ملڪ شاهد حسين کي حراست ۾ وٺي ڪيس داخل ڪري ورتو.
You might also like