ٻه ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ سون وري مهانگو، في تولو گهڻي جو ٿي ويو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ ٻه ڏينهن لاٿ کانپوءِ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 6 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 18 هزار 6 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 515 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 73 هزار 148 رپين م وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون پنج ڊالر چاڙهه کانپوءِ 3 هزار 27 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.