ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ رياست مخالف پروپيگينڊا ۽ سرگرمين ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اهو فيصلو بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ انتظامي عملدارن جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته رياست مخالف عنصرن کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ سندن ناڪاري سرگرمين تي نظر رکي ويندي.
وڏي وزير سرفراز بگٽي اجلاس دوران هدايت ڪئي ته صوبي جي هر تعليمي اداري ۾ قومي ترانو پڙهيو وڃي ۽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو وڃي، جن تعليمي ادارن جا سربراهه حڪمن تي عمل نٿا ڪرائي سگهن، اُهي عهدن تان دستبردار ٿي وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي بحالي پهرين ترجيح آهي، ڪا به شاهراهه بند نه ٿيندي ۽ هر ضلعي آفيسر پنهنجي علائقي ۾ رياستي رٽ قائم رکڻ جو ذميوار هوندو.
سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ رياست جي هر اداري ۽ هر فرد جي گڏيل ويڙهه آهي، جيڪا گڏجي وڙهڻي پوندي.
هن واضح ڪيو ته پاليسي حڪومت ٺاهي ٿي، جڏهن ته ان تي عملدرآمد فيلڊ آفيسرن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ڪو آفيسر پاليسي تي عمل نٿو ڪرائي سگهي ته هو رضاڪاراڻي طور تي عهدي کان ڌار ٿي وڃي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي ڀتا خوري نه هلندي. اجلاس دوران پنهنجن فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿيل جوانن لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي.
You might also like