ٽوبا ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ) ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ 22 ورهين جي ناري ماريا کي گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ عدالت سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ماريا قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي موت جي سزا جو حڪم ڏيندي ٻنهي جوابدارن کي 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي.
عدالت وڊيو ٺاهيندڙ مقتولا جي ٻئي ڀاءُ ۽ قتل وقت موجود مقتولا جي ڀاڄائي کي بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ ماريا کي 17 ۽ 18 مارچ 2024 جي وچين رات گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو، 22 ورهين جي ماريا جي قتل وقت چارئي جوابدار ڪمري ۾ موجود هئا، ڀاءُ مبينا طور غيرت جي نالي تي گهر ڀاتين سامهون ماريا کي گهڻو ڏئي ماريو هو.
مقتولا جي ٻئي ڀاءُ واقعي جي وڊيو ٺاهي هئي، جڏهن ته مقتولا جي ڀاڄائي بيان ڏنو هو ته سندس ننڍن ٻارن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.
Next Post
You might also like