اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سان جيل ۾ هفتي ۾ ٻه ملاقات بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي جيل ملاقاتن بابت درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس محمد اعظم تي مشتمل لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
اڊيالا جيل جي سپرينٽينڊنٽ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊسمبر تائين ساڳين ايس او پيز تحت ملاقاتون ڪرايون پئي ويون، جنوري کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي ۽ سيڪيورٽي خدشا به هئا.
وڪيل جو چوڻ هو ته جيل مينوئل موجب، پي ٽي آءِ باني جي اڱاري تي ملاقات ڪرائي پئي وڃي، جڏهن ته جنوريءَ کانپوءِ عمران خان جو اسٽيٽس انڊر ٽرائل قيدي مان سزا يافته قيدي ٿي ويو.
وقتي مقام چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هر ڪو درخواست کڻي اچي ٿو ته کيس به جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
جيل سپرينٽنڊنٽ جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو جيل ملاقاتن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ڏيندي چيو ته اپيل ۾ اڱاري ۽ خميس تي ملاقاتن جا ايس او پيز طئي ٿيا هئا.
جيل جي وڪيل نويد ملڪ چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب ٻن ڏينهن بدران اڱاري تي ئي ٻه ملاقاتون ڪرايون پئي ويون، جيل رولز موجب سپرينٽينڊنٽ کي اختيار حاصل آهي ته هو اهڙي صورتحال ۾ ملاقاتن بابت فيصلو ڪري.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت کان هفتي ۾ ٻه ملاقاتون بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جيل جي وڪيل اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو ته ٻن ڏينهن لاءِ ملاقاتون مئنيج ڪرڻ ڏکيو ٿيندو، اسان هڪ ڏينهن سڀ ملاقاتون ڪرائي رهيا آهيون.
وقتي چيف جسٽس ٻڌايو ته جيل ملاقاتن بابت 100 کان وڌيڪ درخواستون داخل ٿيون، جن مان 98 اڪلايون ويون آهن، اسان چاهيون ٿا ته لارجر بئنچ هن معاملي کي هڪ دفعو حتمي طور تي حل ڪري.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيل ملاقات کانپوءِ ميڊيا ٽاڪ جي ڪهڙي؟ هو ملاقات ڪري هليا وڃن، ملاقات ڪندڙن کان انڊر ٽيڪنگ وٺي سگهجي ٿي ته هو ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان گفتگو نه ڪن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي جيل ۾ اڱاري ۽ خميس جي ڏينهن ملاقات بحال ڪندي حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ باني جو ڪوآرڊينيٽر ئي ملاقات لاءِ نالا ڏئي سگهندو.
ملاقات کان پوءِ ڪنهن به قسم جي ميڊيا ٽاڪ جي اجازت نه هوندي، جيڪو به عمران خان سان ملندو اهو ميڊيا سان نه ڳالهائيندو.
You might also like