پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ ڪهڙو شرط رکيو ويو ؟ سلمان اڪرم ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪنهن به صورت ۾ معافي نه وٺندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته عمران خان سان ملاقات جو معاملو گڏيل راضپي سان طئي ٿي ويو آهي، طئي ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جا حق آهن جيڪي کيس ڏنا ويندا، پر ملاقات ڪندڙ جيل کان ٻاهر اچي بيان نه ڏيندا.
هن وڌيڪ چيو ته ملاقات کانپوءِ سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جو شرط رکيو ويو، جنهن کي اسان قبول ڪيو، پر ڪنهن به انسان جي ڳالهائڻ تي بندش نٿي لڳائي سگهجي. پارليامينٽ ميمبر جتي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرندا اتي ضرور ڏيندا، پابندي مٽن مائٽن تي لاڳو هوندي.
معافي بابت سوال تي سلمان اڪرم راجا واضح ڪيو ته عمران خان طرفان معافي وٺن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اِهو ناممڪن آهي، پي ٽي آءِ باني ڪنهن به صورت معافي نه وٺندو، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته عمران خان معافي وٺندو ته اهو سندس ڀُل آهي.
اپوزيشن سان ڳالهين بابت سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته سٺي مشاورت سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، جميعت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي جماعتن سميت سڀني سان رابطو ڪري رهيا آهيون.
23 مارچ جي حوالي سان هن چيو ته اهو خوشيءَ جو ڏينهن هو، پر ان ڏينهن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، لاهور ۾ ته ڪيڪ به نه ڪاٽڻ ڏنو ويو، مان تقريب ۾ موجود هئس اتي پوليس آئي ۽ سائونڊ سسٽم بند ڪري ڇڏيو، رڳو آئين جي لتاڙ نه پئي ڪئي وڃي پر شرافت جون حدون به اورانگهي پيون وڃن.
سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ هن وقت فائدو حاصل ڪري رهيون آهن، پر انهن کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، جنهن کانپوءِ ئي ڪي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جنهن جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.