ٽول ٽيڪس ۾ هلندڙ سال ٻيو ڀيرو واڌ

اسلام آباد(م ڊ) اين ايڇ اي پاران قومي شاهراهن ۽ موٽرويز تي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.اضافو پهرين اپريل کان لاڳو هوندو. شاهراهن تي ڪار 70، ويگن، 150 روپيا، بس 250 روپيا ٽول ٽيڪس ڀرينديون. 2 ۽ 3 ايڪسل ٽرڪ کان 300 روپيا ۽ وڏين ٽرڪن کان 550 روپيا اوڳاڙيا ويندا.موٽروي  ايم ون، ٽو، ٿري، فور، فائيو، 14 ۽ ايم 35 تي ٽيڪس ۾ ڳرو واڌارو ڪيو ويوآهي. اسلام آباد  مان پشاور وڃڻ واري ايم ون وي تي ڪار جو ٽول ٽيڪس 500 روپين کان وڌي 550 روپيا ڪيو ويو آهي، لاهور کان عبدالحڪيم تي ڪار لاءِ ٽول ٽيڪس 700 روپيا 800 روپيا وڌي ويو. پنڊي ڀٽيان  مان فيصل آباد ۽ ملتان وڃڻ وارن ايم  فور تي ڪار لاءِ ٽول ٽيڪس 950 روپيا 1050 روپيا ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ملتان کان سکر وڃڻ تي ايم فائيو فائيو ڪار جي ٽول ٽيڪس هڪ هزار هڪ سئو  مان وڌائي 1200 ڪيو ويوآهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.