اهم ڪيوي بالر انجري جو شڪار، پاڪستان خلاف آخري ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون به نه کيڏندو

ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر ميٽ هينري انجري سبب پاڪستان خلاف جاري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن مان به ٻاهر ٿي ويو.
ميٽ هينري آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيمي فائنل ميچ دوران ڪُلهي جي انجري جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته هو گوڏي جي تڪليف ۾ پڻ مبتلا آهي.
ان کان اڳ ڪيوي بورڊ اعلان ڪيو هو ته فاسٽ بالر ميٽ هينري پاڪستان خلاف آخري ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ دستياب هوندو.
سندس جاءِ تي فاسٽ بالر زيڪ فولڪس کي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي، هو شروعاتي ٽنهي ميچن ۾ ڪيوي پليئنگ اليون جو حصو هو.
ٻئي پاسي ول او رورڪ جيڪو شروعاتي ٽنهي ميچن لاءِ اسڪواڊ جو حصو هو نه هو هاڻي ڪائل جيميسن جي جاءِ تي آخري ٻئي ميچون کيڏندو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ کي پنج ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان خلاف 1-2 جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي چوٿين ميچ 23 مارچ، آچر جي ڏينهن مائونٽ مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.