پاڪستاني ڪرڪيٽر تي بيٽون وٺي دڪاندار کي پئسا نه ڏيڻ جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع دوران هڪ اڻڄاتل پاڪستاني ڪرڪيٽر تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن ڪرڪيٽ جو سامان خريد ڪرڻ کانپوءِ ادائيگي ناهي ڪئي.
نجي ٽي وي چئنل جي صحافي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي ته هڪ پاڪستاني ڪرڪيٽر نيوجرسي جي اسٽور تان ٽي اعليٰ معيار جون بيٽون خريد ڪيون، پر رقم ادا نه ڪئي. هن دڪاندار پاڻ نيويارڪ اچي بيٽون پهچايون، پر ان کانپوءِ بار بار ڪالون ۽ ميسيج ڪرڻ باوجود ڪرڪيٽر طرفان ڪو به جواب نه مليو، صحافي پنهنجي پوسٽ ۾ رانديگر جو نالو ظاهر ناهي ڪيو.
هن الزامن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو آهي، جتي ڪجهه واهپيدار رانديگر جي سڃاڻپ بابت اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه جو خيال آهي ته جيڪڏهن الزام صحيح ثابت ٿيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ساک وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.