اداڪارا نازش جهانگير خلاف ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت مبينا فراڊ ڪيس ۾ اداڪارا نازش جهانگير جي پيش ٿيڻ تي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.
لاهور جي علائقي ڪينٽ جي ڪچهري عدالت جي ميجسٽريٽ غلام شبير سيال گذريل ڏينهن اداڪارا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 22 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
پر اداڪارا پاڻ ئي عدالت ۾ پيش ٿي، جنهن تي سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويا.
نازش جهانگير پنهنجي وڪيل بيرسٽر حارث سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، جنهن تي سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويا.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
نازش جهانگير تي الزام آهي ته هن اسود هارون نامي اداڪار سان فراڊ ڪري پيسا ۽ گاڏي ورتي ۽ واپس نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.