محمد علي کان تاريخي”رمبل ان دي جنگل“ جو دنگل هارائيندڙ عظيم باڪسر لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) ٻه ڀيرا ورلڊ هيوي ويٽ چيمپيئن ۽ اولمپيئن باڪسنگ ليجنڊ جارج فورمين 76 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جارج فورمين جي خاندان سندس وفات جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو 21 مارچ 2025ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
فورمين 1968ع جي اولمپڪس ۾ هيوي ويٽ ڪيٽيگري ۾ سونو ٻِلو حاصل ڪيو ۽ ان کانپوءِ پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
جارج فورمين 1974ع ۾ محمد علي کان تاريخي ”رمبل ان دي جنگل“ مقابلو هارائڻ کانپوءِ ٻن ڏهاڪن بعد سال 1994ع ۾ 45 ورهين جي عمر ۾ ٻيهر ورلڊ چيمپيئن بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.