اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ جي ڪمپني اسٽارلنڪ جي پاڪستان ۾ آپريشنز لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان اسپيس ايڪٽيوٽي ريگوليٽري بورڊ (پي اي آر بي) اسٽارلنڪ کي اين او سي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان لائسنس جاري ٿيڻ جو رستو کُلي ويو آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي اي لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ 4 هفتن جو وقت وٺي سگهي ٿو.
پي ٽي اي اسٽارلنڪ جي حاصل ڪيل اين او سي جو جائزو وٺندو ۽ ان جي سمورن ريگوليٽري گهرجن جي جاچ به ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪمپني جي طرفان جمع ڪرايل ٽيڪنيڪل ۽ بزنس پلانز جو به تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي اسٽارلنڪ کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو، جڏهن ته لائسنس ملڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ آپريشنل ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳي سگهي ٿو.
پي ٽي اي ذريعن موجب، سيٽلائيٽ سروس فراهم ڪندڙ لاءِ اسپيس ايڪٽيوٽي ريگوليٽري بورڊ کان ڪليئرنس حاصل ڪرڻ لازمي هئي.
ذريعن موجب، فريڪيونسي، پاور ۽ ارٿ گيٽ وي اسٽيشنز جا ٽيڪنيڪل معاملا بورڊ طئي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اسٽارلنڪ لاءِ لو-ارٿ آربٽ سيٽلائيٽ 250 کان 500 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هوندو.
ذريعن موجب، رجسٽريشن لاءِ بورڊ سان معاملن کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ عالمي صلاحڪار به مقرر ڪيو ويو هو.
پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 2022ع کان اسپيس لائسنسنگ رجيم اختيار ڪئي، جڏهن ته 2023ع ۾ اسپيس رولز ٺهڻ بعد اسپيس ريگوليٽري بورڊ جوڙي ويو.
ذريعن موجب، اسٽارلنڪ اڳ ئي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ رجسٽرڊ آهي.
You might also like