جماعت اسلامي پاران اڄ ملڪ گير احتجاج جو اعلان

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير  حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪي حمايت سان غزه ۾ جاري اسرائيلي بربريت خلاف (اڄ) جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ چئني صوبن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ آمريڪي قونصل خانن ڏانهن مارچ پڻ ڪيو ويندو. نواز شريف، بلاول ڀٽو ۽ عمران خان  آمريڪا جي مذمت ڪن،هن چيو ته جنگبندي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيلي حملن ۾ 183 ٻارن سميت 500 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي دهشتگردي جا سبب ڳوليا وڃن ۽ حل ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.