صحافي فرحان ملڪ ايف آءِ اي هٿان ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (م ڊ) وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) نامور صحافي فرحان ملڪ کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊجيٽل پليٽ فارم "رفتار” پاران سوشل اڪائونٽن تي ڄاڻايو ويو ته ايف آءِ اي فرحان ملڪ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ ايف آءِ اي جا اهلڪار بنا ڪنهن اطلاع جي آفيس ۾ آيا ۽ اسان جي ٽيم کي پريشان ڪيو، انهن وٽ آفيس جو دورو ڪرڻ جي ڪا وضاحت به نه هئي، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي ٽيم ڪالهه ٻنپهرن جو هڪ وڳي ڌاري صحافي فرحان ملڪ کي پنهنجي آفيس طلب ڪيو، هو پهتو ته ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ شام 6 وڳي حراست ۾ ورتو ويو، ٻئي پاسي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شهزاد حيدر ڊان ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته فرحان ملڪ خلاف تقريباً 3 مهينا اڳ انڪوائري شروع ڪئي وئي هئي، فرحان ملڪ سيڪورٽي اسٽيبلشمنٽ خلاف ڪيترائي پروگرام ڪيا هئا ۽ اڄ انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ باضابطه طور تي ان کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي پاسي، فرحان ملڪ جي زال جو چوڻ آهي ته فرحان خلاف ڪو تحريري چارج شيٽ ناهي ۽ نه ئي انهن جي گرفتاري جو ڪو سبب آهي، ٻي پاسي صحافي تنظيمن فرحان ملڪ جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.