ايڇ آر سي پي طرفان فرحان ملڪ جي جلد آزادي جو مطالبو

لاهور(م ڊ)انساني حقن ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) ڪراچي سان تعلق رکندڙ رفتار ميڊيا جي صحافي فرحان ملڪ جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ هن معاملي جي شفاف جاچ تي زور ڏنو آهي. ايڇ آر سي پي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو ايف آءِ اي سميت ٻين ادارن جي اختيارن جي بيجا استعمال کي روڪي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت ڏنل اظهار راءِ جي آزادي جي حق جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ڪميشن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صحافين جي آزادي تي قدغن لڳائڻ هڪ سنگين مسئلو آهي. ايڇ آر سي پي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ واضح ۽ اثرائتا قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.