ماسڪو (ويب ڊيسڪ) عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته ماڻهو پيرسني ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيندو آهي ۽ ان کانپوءِ پينشن حاصل ڪندو آهي، پر روس ۾ هڪ نوجوان اِها روايت ٽوڙي ڇڏي آهي.
پائول اسٽيفنڪيو نالي 23 ورهين جي نوجوان هڪ قانوني خامي مان فائدو وٺندي رڳو 2 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ مڪمل پينشن سان رٽائر ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پائول 16 ورهين جي عمر ۾ روس جي گهرو کاتي جي تعليمي اداري ۾ داخلا ورتي، جتي 5 سال سخت تربيت کانپوءِ کيس نوڪري ملي، پر سندس نوڪري رڳو 2 سال ئي جاري رهي.
روسي قانون جي هڪ خاص شق موجب، جيڪي ماڻهو مارشل لا دوران نوڪري ڪن ٿا، تن جي سروس ۾ هر مهيني 3 مهينن جو واڌارو تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن جو فائدو وٺندي پائول پنهنجي رٽائرمينٽ لاءِ گهربل سال تمام تيزيءَ سان مڪمل ڪري ورتا.
پائول 28 نومبر 2023 تي رٽائرمينٽ لاءِ درخواست ڏني، جيڪا روس جي لاڳاپيل قانون تحت قبول ڪئي وئي ۽ کيس مڪمل پينشن پڻ ملي وئي.
ان غيرمعمولي واقعي جو نوٽيس ”انٽرنيشنل رڪارڊ رجسٽرشن ايجنسي“ ورتو ۽ روس جي سرڪاري رڪارڊ مان ان جي تصديق ڪئي وئي.
هاڻي پائول اسٽيفنڪيو مالي تحفظ ۽ مڪمل آزادي حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ان عمر ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي پهرين نوڪري به شروع نه ڪندا آهن.