اسلام آباد(عاصمه شيرازي+جاويد چوڌري)دهشت گردي خلاف اسان مٿان مڙهجي چڪي آهي،اها جنگ هاڻي پرائي ناهي رهي،رياست بلوچن سان واقعي زيادتيون ڪيون آهن،پر عليحدگي پسندن جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي،قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ پي ٽي آءِ حامي يوٽيوبرن ۽ ڪارڪن نما صحافين پوري مهم هلائي ته ان اجلاس ۾ عمران خان جي مرضي کان بغير شرڪت نه ڪرڻ گهرجي،”عمران خان نه ته اها ميٽنگ به نه“ جو بيانيو هلايو ويو،محمود اچڪزئي،علامه راجا ناصر عباس،بئريسٽر گوهر لاءِ اهو بهترين موقعو هو ته اهي فوجي قيادت آڏو ويهي پنهنجا سوال،خدشا ۽ اعتراض رکن ها،اهي فوجي قيادت کي اهو به چون ها ته توهان معاملا سياستدانن کي سنڀالڻ ڏيو،انهن آئين جي تحفظ ڪرڻ لاءِ صحيح پليٽ فارم جو دڳ نه ورتو،اختر مينگل نه آيو،ڪاش کيس وزيراعظم ۽ نوازشريف فون ڪري گهرائن ها،فضل الرحمان به خدشن باوجود آيو،اصل اپوزيشن جو ڪم فضل الرحمان ڪري رهيو آهي،پي ٽي آءِ وارن کي اجلاس کانپوءِ عمران خان سان ملاقات ڪرڻ گهرجي ها،پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو نادر موقعو وڃائي ڇڏيو،ان تي دهشت گردن جي حمايت جي ڇاپ به لهي پئي سگهي،اهم ڳالهه اها آهي ته وفاقي گهرو وزير جي عهدي تي هئڻ باوجود محسن نقوي اجلاس ۾ نه آيو،اطلاعن مطابق نوازشريف به اجلاس ۾ نه آيو،اهو وڏو سواليه نشان آهي،ان معاملي تي جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي تنقيد آهي ته ان کان گهڻو وڌيڪ نوازشريف تي تنقيد آهي،ڇا هو رڳو پنجاب جو اڳواڻ آهي؟ڇا هو ريٽائر ٿي چڪو آهي،هن جي پارٽي هن وقت اقتدار ۾ آهي،نوازشريف کي پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ٻئي پاسي پي ٽي آءِ کي ان بائيڪاٽ واري غلطي جو جلد احساس ٿي ويندو،هن اهم موقعي تي اختر مينگل کي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي ها،ٻئي پاسي عمران خان اهو ڇو سمجهي رهيو آهي ته جيستائين منهنجي شموليت نٿي ٿئي تيستائين پاڪستان کي بچائي نٿو سگهجي ان ۾ اها راءِ به جڙي ٿي ته پارٽي ۾ عمران خان کان علاوه ڪو به شخص اهل ناهي جيڪو ان سطح جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪري سگهي،لڳي ٿو ته اها پارٽي ون مين شو آهي،عمران خان ڪنهن زماني ۾ ايم ڪيو ايم کي مهڻو ڏيندو ته اها زندهه لاشن جي پارٽي آهي اهو ئي فارمولو هن پنهنجي پارٽي تي آزمائي ڇڏيو آهي،اها افسوسناڪ صورتحال آهي ته پي ٽي آءِ دهشت گردن سان گڏ بيٺي آهي.