سعودي ۾ جسم فروشيءَ جي الزام هيٺ 11 عورتن سميت 50 ڄڻا گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت جسم فروشيءَ جي الزام هيٺ 11 عورتن سميت 50 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪيئي پرڏيهين مساج پارلرن ۾ غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
ان کانسواءِ 14 يمني شهرين کي عورتن ۽ ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني سعودي پوليس هڪ مساج پارلر تي ڇاپو هڻي غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث 4 پرڏيهين کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.