” الله چئن شادين جي اجازت ڏني آهي“ واهپيدار دانش تيمور جي بيان تي ڏمريل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ ٽي وي ميزبان دانش تيمور کي پنهنجي گهرواري عائزه خان جي سامهون هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ واري بيان تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
عائزه خان تازو پنهنجي مڙس دانش تيمور ۽ رابع انعم سان گڏ گرين ٽي وي جي رمضان شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام دوران دانش تيمور پنهنجي گهرواريءَ کان پڇيو ته کيس شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي 15 سال ٿي ويا آهن، سو هوءَ ڪيترو وقت وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاهيندي؟
ان تي عائزه خان جو چوڻ هو ته هوءَ زندگي جي پڄاڻيءَ تائين ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته کيس ڪم ڪرڻ وڻي ٿو.
هن اهو به ٻڌايو ته کيس ٽي وي ميزباني جو شوق هو، پر هوءَ اداڪاره بڻجي وئي، پوءِ ماڊلنگ به ڪيائين ۽ بعد ۾ فئشن ماڊلنگ به ڪرڻ لڳي.
عائزه خان جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ دانش تيمور ذميوار ماءُ پيءُ آهن، ان ڪري ڪوشش ڪندا آهن ته ڪم دوران ٻنهي مان ڪو هڪ هميشه ٻارن سان گڏ هئڻ گهرجي.
ان دوران عائزه خان چيو ته هوءَ ۽ سندس مڙس حقيقت پسند آهن ۽ کين مولوين جي مردن جي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ واري بيانن سان به ڪو فرق نٿو پوي.
ان تي دانش تيمور چيو ته مذاق پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته الله مرد کي چار شاديون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ جڏهن الله اجازت ڏئي ته ڪنهن ٻئي جي اجازت گهربل ناهي.
دانش تيمور وڌيڪ چيو ته الله طرفان کيس چار شاديون ڪرڻ جي اجازت آهي، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ائين نه ٿو ڪرڻ چاهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته هو عائزه خان سان محبت ڪري ٿو، عزت ڪري ٿو، ان ڪري وڌيڪ شاديون نه پيو ڪري ۽ في الحال هو عائزه خان سان ئي زندگي گذارڻ چاهي ٿو.
دانش تيمور جي ان بيان تي عائزه خان خاموشي سان ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي، پر سندس چهري تي مايوسيءَ جا آثار نظر آيا.
سوشل ميڊيا واهپيدارن دانش تيمور کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته هو اهڙي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ عائزه تي ٿورو ڪري رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.