رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت جسم فروشيءَ جي الزام هيٺ 11 عورتن سميت 50 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪيئي پرڏيهين مساج پارلرن ۾ غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
ان کانسواءِ 14 يمني شهرين کي عورتن ۽ ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني سعودي پوليس هڪ مساج پارلر تي ڇاپو هڻي غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث 4 پرڏيهين کي گرفتار ڪيو هو.
You might also like