اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان شرڪت نه ڪرڻ تي سخت ردعمل ڏنو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن لکيو ته پي ٽي آءِ اڄ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان ئي سندن جي پهرين ۽ آخري ترجيح آهي، جڏهن ته ملڪ جي سلامتي ۽ امن کي ڪائي اهميت ناهي.
هن لکيو ته ”خان ناهي ته پاڪستان ناهي“ پي ٽي آءِ جو نعرو بڻجي چڪو آهي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ملڪ دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ رڳو پنهنجن مفادن جي سياست ۾ رڌل آهي، اِهو عمل وطن دشمنيءَ جي برابر آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کي عمران خان سان ملاقات سان مشروط ڪيو هو.
You might also like