حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر، نائب صدر مصطفيٰ راڄپر، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرو مل ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ھڪ گڏيل ميڊيا بيان ذريعي اعلان ڪيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نوان ڪينال ڪڍڻ جي منصوبن خلاف جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي سڀني سياسي جماعتن، ھاري ۽ آبادگار تنظيمن، سماجي تنظيمن، وڪيلن، صحافين، اديبن، شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن جي هڪ گڏيل گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ 6 اپريل آچر جي ڏينھن 3 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي طرفان ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ سطح تي سڀني جدوجهد ڪندڙ قوتن تي مشتمل هڪ پليٽ فارم ٺاهي، ان جي رهنمائي ۾ جدوجهد کي مربوط، منظم ۽ موثر طريقي سان هلائي سگهجي. سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ان سلسلي ۾ اڄ کان وٺي سڀني جدوجهد ڪندڙ جماعتن ۽ تنظيمن جي قيادت سان رابطا ڪري دعوتن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي.