حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، سکر بئراج ۾ 64 سيڪڙو پاڻي گھٽ مليو، ڪوٽڙيڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي. نامياري پاڻي ماھر نصير ميمڻ سوشل ميڊيا تي پاڻي جي کوٽ جي صورتحال ڪجھ ھن ريت شيئر ڪئي آھي ته ڊيم خالي ٿيڻ ۽ سوڪهڙي سبب سکر بئراج تي لڳ ڀڳ %64 پاڻي گهٽ مليو آهي، ھن چيو تھ سٺا مينهن وسڻ يا برف رجڻ تائين صورتحال خراب رهندي. ٻئي طرف پاڻي جي شديد کوٽ کانپوءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي.