سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌو درياهه تي 6 نون ڪئنالن وارو اشو پوري پاڪستان جو اشو آهي، تازو ملڪ جي صدر آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ وڏن ادارن کي اپيل ٿو ڪري ۽ اسان سڀ سمجهون پيا ته وڏا ادارا ڪهڙا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر گل محمد رند سڪرنڊ ۾ همدرد هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڇھه ڪئنالن کي صدر به رد ڪري سگهي ٿو اهو ملڪ جي صدر کي اختيار آهن. هن چيو ته پ پ کي ايترو ته احساس ٿيو ته هنن غلط فيصلو ڪيو آهي ڪئنالن جو ڪم روڪيو وڃي اسيمبيلي ۽ سنيٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين پي ٽي آئي ڪئالن خلاف ايوانن ۾ آواز اٿاريو آهي هن چيو ته نادر مگسي جي اسيمبليءَ اندر تقرير سنڌ جو آواز هو. سنڌ جو ماڻهو هاڻ پ پ کان باغي ٿي چڪو آهي