حديده( ويب ڊيسڪ) آمريڪا اڄ يمن جي سامونڊي پٽي واري شهر حديده تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 53 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي حملن ۾ مارجي ويلن ۾ حوثي اڳواڻ انصارالله عبدالملڪ پڻ شامل آهي.
آمريڪي عملدار دعويٰ ڪئي آهي آچر تي حوثين جا 11 ڊرون ڪيرايا ويا، جڏهن ته حوثين طرفان فائر ڪيل هڪ ميزائل يمن جي ويجهو سمنڊ ۾ ڪِري پئي.
آمريڪي عملدار جو چوڻ آهي ته ميزائل آمريڪا لاءِ ڪو وڏو خطرو ثابت نه ٿي، جڏهن ته حوثين آمريڪي مال بردار جهازن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي گڏيل قومن حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي آمريڪا ۽ يمني حوثين کي هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
You might also like