حديده (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اڄ صبح اولهندي يمن جي حوثي باغين جي ڪنٽرول هيٺ ساحلي علائقي حديده تي ٻه فضائي حملا ڪيا.
آچر جي رات يمني راڄڌاني صنعا ۽ ٻين علائقن تي ٿيل فضائي حملن کانپوءِ آمريڪا پاران هيءُ تازو حملو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي حملن ۾ حديده جي زبيد ضلعي ۾ ڪپهه جي ڪارخاني کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو گذريل سال به اسرائيلي حملن ۾ متاثر ٿيو هو.
ٻئي پاسي، حوثي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي مال بردار سامونڊي جهازن ”يو ايس ايس هيئري ايس ٽرومين“ تي ٻيهر حملو ڪيو آهي.
حوثي گروپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ” خدا جي مدد سان 24 ڪلاڪن دوران ٻيهر آمريڪي مال بردار سامونڊي جهازن کي ڪيترن ئي بيليسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي.“
يمني حوثين تي آمريڪي حملن جي ردعمل ۾ حوثين آچر ڏينهن پهريون ڀيرو آمريڪي سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ردعمل ڏيندي ان کي بي مثال ”جهنم“ قرار ڏنو هو.
حوثي اڳواڻ عبدالملڪ الحوثي خبردار ڪيو ته جيستائين آمريڪا جارحيت جاري رکندو، تيستائين ان کي سامونڊي واپار تي پابندي ۾ شامل رکيو ويندو.
هن جو چوڻ هو ته سندن اصل هدف رڳو اسرائيلي دشمن هو، پر هاڻي آمريڪا کي پابندي ۾ شامل ڪيو ويندو.“
حوثي اڳواڻ پنهنجي حامين کي اپيل ڪئي ته صنعا ۽ ٻين يمني شهرن ۾ آمريڪي حملن جي مذمت لاءِ ” ملين مارچ“ ڪن.
You might also like