اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف جڊيشل ڪامپليڪس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت مراد سعيد، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٽنهي جوابدارن کي مسلسل غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏنو، جڏهن ته واثق قيوم عباسي، راجا بشارت ۽ غير حاضر ڪارڪنن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
You might also like