ڊيوڊ وارنر جي پهرين ڀارتي فلم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رليز ٿيندي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر جي پهرين ڀارتي فلم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رليز ٿيندي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڊيوڊ وارنر تيلگو فلم روبن هوڊ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڊيوڊ وارنر ڪجهه ڏينهن اڳ فلم جو پوسٽر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندي لکيو هو ته مان ڀارتي سينيما ۾ اچي رهيو آهيان.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيو هو ته مان روبن هوڊ فلم جو حصو بڻجڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهيان ۽ فلم ۾ ڪم ڪري لطف اندوز ٿيس.
ڊيوڊ وارنر پنهنجي فلم 28 مارچ تي رليز ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
واضح رهي ته ان فلم ۾ نيٿن ۽ سري ليلا مک ڪردار نڀايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.