ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪنهن به صورت ۾ ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسين.
حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ صوبي ۾ امن ۽ ترقي چاهي ٿي، اسان ڪراچي ۾ ڀتي جي وصولي، ٻوري بند لاش ۽ هڙتالون بند ڪرائي ڇڏيون.
هن چيو ته ماڻهو پ پ کي وفاق جو حصو سمجهن ٿا، اسان جو وفاقي حڪومت سان ڪو واسطو ناهي، ڪينالن جي مسئلي تي پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽنداسين.
You might also like