ڪراچي: منشيات فروش عورت گرفتاري جي خوف کان چوٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منشيات فروش ۽ منشيات جي عادي جوابدار عورت ڇاپي دوران گرفتاري جي خوف کان چوٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب ڊفينس فيز 6 خيابان مسلم ڪمرشل ۾ گرفتاري جي خوف کان رهائشي عمارت جي چوٿين ماڙ تان عورت ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن علاج دوران جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته عورت نشي جي عادي ۽ منشيات وڪرو به ڪندي هئي، هوءَ پنهنجي فليٽ ۾ ماڻهن کي نشو ڪرڻ جي سهولت به ڏيندي هئي.
پوليس موجب سي ويو ڀرسان رهائشي عمارت مان عبيد نامي منشيات فروش کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي نشاندهي تي عورت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ليڊيز سرچر سان گڏ فليٽ تي ڇاپو هنيو ته عورت در کولڻ بدران هيٺ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته فوتي عورت جي فليٽ مان آئس ۽ منشيات واپرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان به هٿ آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.