فيس بُڪ واهپيدارن لاءِ پيسو ڪمائڻ جو نئون آسان ۽ بهترين طريقو

فيس بڪ دنيا جي مقبول ترين سوشل ميڊيا سروس آهي، جنهن جي واهپيدارن جو انگ اربن ۾ آهي پر فيس بڪ آن لائن پيسا ڪمائڻ جو به بهترين ذريعو آهي.
ڪيترائي ماڻهو فيس بڪ ذريعي واڌو آمدني به حاصل ڪندا آهن، هاڻ ميٽا فيس بڪ واهپيدارن کي ڪمائڻ جو هڪ نئون ذريعو فراهم ڪري رهيو آهي.
ڪمپني طرفان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن ذريعي واهپيدار فيس بڪ تي پبلڪ اسٽوريز ويوز سان به پيسو ڪمائي سگهن ٿا.
پيسو ڪمائڻ جو اهو نئون آپشن عالمي سطح تي انهن ڪريئيٽرز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو فيس بڪ ڪانٽينٽ Monetiazation پروگرام جو حصو آهن.
ان نئين آپشن سان واهپيدار ان مواد مان به پيسو ڪمائي سگهن ٿا، جيڪو اهي اڳ ئي تيار ڪري چڪا آهن.
مثال طور جيڪڏهن اهي کاڌو پچائڻ جي ڪنهن ترڪيب جي وڊيو يا ريل تيار ڪن ٿا ۽ ان جو ڪجهه حصو اسٽوري جي شڪل ۾ پوسٽ ڪن ٿا ته اسٽوري ويوز سان به کين پيسو ڪمائڻ جو موقعو ملندو.
اهڙي ريت اهي پنهنجي روز مرهه جي زندگي بابت مواد کي اسٽوري ۾ پوسٽ ڪري پيسو ڪمائي سگهن ٿا.
ميٽا جي هڪ ترجمان موجب اسٽوريز ذريعي پيسو ڪمائڻ جو مقعو واهپيدارن کي مواد جي پرفارمنس جي بنياد تي ملندو ۽ کين ان لاءِ ويوز جي ڪنهن مخصوص حد کي حاصل ڪرڻ جي ضرورت به نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.