ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ڀرسان سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مهتاب ڏهر جي قافلي تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ سندس ٻه محافظ مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
نرلي پل وٽ اڻڄاتل ماڻهن سنڌ اسيمبلي ميمبر جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڄام مهتاب ڏهر جا ٻه محافظ مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هو پاڻ محفوظ رهيو.
حملي ۾ زخمي ٿيندر محافظن کي ڏهرڪي اسپتال نيو ويو، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس علائقي جو گهيرو ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڏهرڪي: سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مهتاب ڏهر جي گاڏي تي فائرنگ، ٻه محافظ مارجي ويا
You might also like