ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) نوشڪي ۾ ايف سي جي قافلي تي ڪالعدم بي ايل اي جي آپگهاتي حملي ۾ 3 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪالعدم بي ايل اي جي دهشتگردن اڄ صبح نوشڪي ۾ ايف سي جي قافلي تي بارودي مواد جو ڌماڪو ۽ آپگهاتي حملو ڪيو، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته جوابي ڪارروائي ۾ آپگهاتي حملي آور کانسواءِ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته حملي ۾ ايف سي جا 3 جوان ۽ 2 سويلين شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف حملي جي مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي به واقعي جي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.
You might also like