پيپلز پارٽي ڪينالن وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ وڏي جلسي جو اعلان ڪندي سنڌوءَ تي 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ پارٽي جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، منظور وسان، سرفراز راجڙ، سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ، ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته 4 اپريل تي لکين ماڻهوڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش لمدا.
هن سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ ۽ اُٿاريندي رهندي.
سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ مختلف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا جن ۾ چيو ويو ته 6 ڪينالن جو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ان منصوبي تان هٿ کڻڻ گهرجي.
اجلاس ۾ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، سنڌ کي پنهنجو جائز حصو ڏنو وڃي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي.
اجلاس ۾ وفاق کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي گهٽ مليو ته ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت هوندي.
ان کانسواءِ ارسا ۾ سنڌ جي آئيني اعتراضن کي نظرانداز ڪرڻ جي مخالفت ڪندي سنڌ مان ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ جو مطالبو ورجايو ويو.
پيپلز پارٽي جي اجلاس ۾ جي ڊي اي طرفان پارٽي تي مڙهيل الزامن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ قرار ڏئي رد ڪيو ويو.
ٺهراءَ چيو ويو ته پاڻيءَ جي منصوبن تي فيصلن لاءِ آئيني فورم سي سي آءِ (ڪائونسل آف ڪامَن انٽرسٽ) آهي، تنهنڪري وفاقي حڪومت ترت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي.
اجلاس ۾ جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪنگ واقعي جي سخت مذمت ڪندي، بهادريءَ سان دهشتگردن کي شڪست ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.