بابر ۽ رضوان اهم رانديگر آهن، نئين ٽيم ٺاهيون پيا، هتي کيڏڻ نه کٽڻ لاءِ آيا آهيون: سلمان آغا

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته نئين ٽيم سان گڏ نئون ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نيوزيلينڊ خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان ڪرائسٽ چرچ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستاني مداح اسان جي ڪارڪردگي مان خوش نه آهن، ڇو ته اسان سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي نه ئي مداحن جي اميدن تي پورو لهي سگهيا آهيون.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته نئين ٽيم هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته اها سٺي ناهي، سينيئر رانديگر به موجود آهن ۽ ڪمبينيشن به بهتر آهي، اسان هتي رڳو کيڏڻ نه پر کٽڻ لاءِ آيا آهيون.
سلمان علي آغا وڌيڪ چيو ته هيگلي اوول گرائونڊ جي پچ ظاهري طور تي گرين لڳي رهي آهي، پر اسپنرز لاءِ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، شاهين ۽ حارث رئوف جي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، جڏهن ته فخر زمان ۽ صائم ايوب جي کوٽ محسوس ٿيندي.
هن چيو ته صائم ۽ فخر ٻئي رانديگر ٽيم جو اهم حصو آهن ۽ جلد فٽ ٿي ايندڙ سيريز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا.
پاڪستاني ڪپتان جو چوڻ هو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ اهم رانديگر رهيا آهن، پر هاڻ نئون ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پهرين ميچ لاءِ حتمي پلئنگ اليون بابت اڃا فيصلو ناهي ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ جي هيگلي اوول گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.