نئين ڪينيڊين وزيراعظم جو حلف کڻندي ئي آمريڪي صدر کي سخت جواب

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي نئين وزيراعظم مارڪ ڪارني عهدو سنڀاليندي ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51هين رياست بڻائڻ جي تجويز سختي سان رد ڪري ڇڏي.
مارڪ ڪارني لبرل پارٽي جي قيادت سنڀاليندي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، جسٽس ٽروڊو سياسي دٻاءَ سبب وزارت عظميٰ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.
نئين ڪينيڊين وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪينيڊا ۽ آمريڪا ٻه الڳ الڳ ملڪ آهن، اسان کي پنهنجي مقامي ورثي تي فخر آهي، ڪينيڊا ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جو حصو نه بڻجندو، ڇو ته آمريڪا، ڪينيڊا ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.