ناديا خان کي ايف آءِ اي آفيسر بڻجي ٺڳيندڙ همراهه جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ناديا حسين کي ايف آءِ اي آفيسر بڻجي ڪال ڪندڙ ٺڳ بابت تفصيل سامهون اچي ويا.
ايف آءِ اي ذريعن موجب، ناديا حسين کي ڪال ڪندڙ همراهه جو نمبر وهاڙي جي رهواسي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، جڏهن ته جوابدار ان خانگي بئنڪ جي ملازمن سان به رابطو ڪيو جتي اداڪارا جي مڙس نوڪري ڪندو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڳئي نمبر تان نجي بينڪ جي ٻين ملازمن کان به رقم گهري وئي، جڏهن ته جوابدار مختلف ماڻهن کي ڪال ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو نمبر بند ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ناديا حسين سوشل ميڊيا تي الزام هنيو هو ته ايف آءِ اي عملدارن سندس مڙس جي ڪيس ۾ 50 لک رپيا رشوت طلب ڪئي.
صورتحال واضح ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناديا حسين ٻڌايو ته ڪنهن شخص ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بڻجي کيس فون ڪيو ۽ 50 لک رپيا گهريا، جڏهن ته انڪار تي ڌمڪيون به ڏنيون ۽ ڪال ڪٽي ڇڏي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هن انهيءَ فون ڪال جي ايف آءِ آر ته داخل نه ڪرائي، پر ايف آءِ اي ۾ شڪايت ضرور داخل ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.