ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ طرفان هن عيد تي نوان ڪرنسي نوٽ جاري ٿيندا يا نه؟ ان حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
عيدالفطر خوشي جو تهوار آهي، جنهن تي هر ڪو پنهنجي سگهه موجب عزيزن ۽ پيارن کي عيدي ڏيندو آهي ۽ اهي عام طور تي روڪ رقم جي صورت ۾ نوان ڪرنسي نوٽ هوندا آهن.
مرڪزي بينڪ طرفان هر سال عيد کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جا نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪيا ويندا هئا پر ڪورونا وبا کانپوءِ نوان نوٽ جاري ناهن ٿي سگهيا.
پر ڇا هن سال عوام کي پنهنجي پيارن، خاص طور ٻارن کي عيدي ڏيڻ لاءِ نوان نوٽ ملي سگهندا؟
ان حوالي سان ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هن سال به نوان ڪرنسي نوٽ جاري ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن پر اسٽيٽ بينڪ جو ان سلسلي ۾ باضابطا طور ڪو بيان سامهون ناهي آيو.
You might also like