لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي ڊيوس ڪپ جونيئر 2025 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
قومي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي آخري ڏينهن انڊونيشيا کي 2-1 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.
پاڪستان سڄي ٽورنامينٽ دوران ناقابلِ شڪست رهيو، جتي رانديگرن غير معمولي ڪارڪردگي، عزم ۽ ٽيم ورڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو.
ڊيوس ڪپ جونيئر ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان هاڻي آءِ ٽي ايف ايشيا/اوشيانا ڊيوس ڪپ جونيئر ڪواليفائينگ ايونٽ لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
قازقستان ۾ 19 کان 25 مئي تائين ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ ايشيا ۽ اوشيانا جون 16 ٽاپ ٽيمون عالمي گروپ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مقابلو ڪنديون.
Prev Post
You might also like